نيب جو آفيسر سڏائيندڙ همراهه گرفتار، پڇاڻو جاري

سکر ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن کي نيب آفيسر سڏائي پئسا وٺندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار بابت ڪيتري عرصي کان شڪايتون ملي رهيون هيون، سندس پيڇو ڪري اڄ ڄامشوري مان گرفتار ڪيو آهي. نيب سکر ڄامشورو ۾ ڪارروائي ڪري نيب جي جعلي آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.نيب سکر ڄامشورو ۾ ڪارروائي ڪري نيب جي جعلي آفيسر ارشاد چنا کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار مختلف بهانن سان سرڪاري آفيسرن کي بليڪ ميل ڪري انهن کان رقم وٺندو هو. نيب اختيارين موجب جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *