نيب هيڊڪوارٽرز لاهور کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڌمڪي، ڊڄڻ وارو ناهيان: نيب چيئرمين

لاهور (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته نيب هيڊ ڪوارٽر کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڌمڪي ملي آهي، زندگي موت الله جي هٿ ۾ آهي اسان ڪنهن کان به ڊڄڻ وارا نه آهيون، ڪرپشن خلاف بنا ڪنهن فرق جي جهاد جاري رکيو ويندو.

 لاهور ۾ نيب ڪامپليڪس جي دوري دوران آفيسرن کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته ڪجهه ماڻهون چاهين ٿا ته نيب سياستدانن کي گرفتار ڪري جيئن اهي سياسي شهيد بڻجي وڃن. هن چيو ته نيب ڪنهن جي خواهش تي گرفتاريون نه ٿي ڪري، سمورن ڪيسز ۾ گرفتاريون ميرٽ تي ڪيون ويون آهن.سندس چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو نيب جي نوٽيس باوجود پيش نه ٿي رهيا آهن، ميگا ڪيسن جي فائيلز کي ٻاهر ڪڍيو ۽ ان ۾ بهترين اڳڀرائي به ڪئي وئي آهي. نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته نيب جو چونڊن سان ڪو به تعلق نه آهي، اسان جو مقصد رڳو ملڪ مان ڪرپشن  جو خاتمو آڻڻ آهي.

About

Check Also

گل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا انتظاميا جون نااهليون وائکيون ٿي ويون

گل پلازا سانحو حڪومتي ادارن مارڪيٽ جي انتظاميا سبب ٿيوگل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *