نيب کي سنڌ جي صوبائي کاتن ۾ ڪارروايون ۽ جاچ جي اجازت ملي وئي

Sindh High Court buld

سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ته، نيب سنڌ جي صوبائي کاتن ۾ ڪرپشن جي مامرن جي جاچ جاري رکي سگهي ٿي ۽ هلندڙ ڪيسز تي ڪارروايون به جاري رکي سگهي ٿي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ڇا هنن معاملي کي گڏيل مفادن وارفي ڪائونسل ڏانهن موڪلڻ گهرجي؟

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نيب جي خاتمي بابت داخل ٿيل 4 کان وڌيڪ هڪ جهڙين درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. درخواستن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ بئنچ ڪئي.

عدالت ۾ سنڌ سرڪار جو موقف پيش ڪندي ايڊووڪيٽ جنرل ضمير گهمرو چيو ته، وفاق جو قانو صوبي ۾ لاڳو نه ٿو ٿي سگهي، نيب جي قانون کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي نيب سنڌ ۾ صوبائي کاتن ۾ ڪارروايون ڪرڻ جو مجاز نه آهي. جنهن تي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ رمارڪس ۾ چيو ته، ڇا پوءِ اينٽي نارڪوٽيڪس ڪورٽ ۽ ٻيون عدالتون سنڌ ۾ بند  ڪري ڇڏجن.؟

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين نيب کي سنڌ جي صوبائي کاتن ۾ ڪرپشن جي ڪيسز بابت هلندڙ جاچ سميت ٻيا مامرا جاري رکڻ جي اجازت ڏيندي سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

مريم نواز جي ” اسان جو پاڻي، اسان جا پئسا، اسان جي مرضي“ واري بيان تي سينيٽ ۾ گوڙ

  اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي بيان، ” اسان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *