حيدر آباد ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) حيدرآباد ۾ هوسڙي واري علائقي ۾ اڪرم واهه جي ڪڙ سان ويٺل ڪولهي برادري جي ڪکاون گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 7 گهڙي ويا، باهه لڳڻ سبب 7 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا ۽ سندن الهه تلهه رک ٿي ويو. متاثرن الزام هنيو آهي ته، آبپاشي کاتي جي عملدارن سندن گهرن کي پاڻ باهه ڏئي ساڙيو آهي. اڪرم واهه تي ويٺل ڪولهي برادري جي 7 گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن ۾ 7 گهر سامان سميت سڙي رک جو ڍير ٿي ويا، باهه وسائڻ جي ڪوشش دوران 3 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا،سڙي زخمي ٿيلن ۾ بابوڙو ڪولهي۽ڪرشن شامل آهن. متاثرن بابو، روشن، اشوڪ، سنيتا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهروڪيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته سندن گهرن کي آبپاشي ملازم عبدالحفيظ راجپوت هٿ سان باهه ڏني آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ذميوار خلاف ڪارروائي ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …