ڊي جي آءِ ايس پي آر جو بيان ! شاهد خاقان عباسي سوال اٿاري ڇڏيا

ڪراچي( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار)  اڳوڻي وزيراعظم ۽ نون ليگ جي مرڪزي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي ڊي جي آءِ  ايس پي آر جي بيان تي سوالي اٿاريندي چيو آهي ته، ڊي جي آءِ ايس پي آر ڪالهه بيان ڏنو آهي ته پاڪ فوج کي سياست ۾ نه گهليو وڃي، فوج جو سياست سان ڪجهه نه وڃي، شاهد خاقان عباسي ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي  جي آءِ ايس پي آر جو بيان غور سان ٻڌو ۽ پڙهيو آهي، اهو ٻڌايو وڃي ته اڄڪلهه ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اُهو ڪير ڪري رهيو آهي، 2018 جي اليڪشن ۾ ڇا ٿيو ۽ ڪنهن ڪيو، عدالتن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، اپوزيشن اجو ئي ته چئي رهي آهي ته انصاف نه ٿيندو ته پوءِ ملڪ نه هلي سگهندو. شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته حڪومت کي پنهنجن ميمبرن تي اعتبار ئي ناهي رهيو انڪري ئي سينيٽ الڪيشن ڳجهي ووٽ بدران شو آف هينڊ / اوپن ووٽ ذريعي ڪرائڻ چاهين ٿا، عمران خان جي ڪرتوتن سبب سندس ويجها ساٿي ۽ حڪومت قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ به هٿ ڪڍي ويا آهن، هاڻي سينيٽ اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ لاءِ ڪو به جهاز نه هلندو

About

Check Also

گل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا انتظاميا جون نااهليون وائکيون ٿي ويون

گل پلازا سانحو حڪومتي ادارن مارڪيٽ جي انتظاميا سبب ٿيوگل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *