ڪراچي( چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) وزير اعظم عمران خان پاران ملڪ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ جو نوٽيس وٺڻ بعد اٽو 4 کان 6 رپيا في ڪلو مھانگو ٿي ويو آهي. وزيراعظم پاران نوٽيس وٺڻ جي چوويهه ڪلاڪن اندر اٽي جي في ڪلو ۾ چار کان ڇھ رپيا مهانگو وڪرو ٿيڻ لڳو آھي. نوٽيس وٺڻ کان اڳ پنجاب ۽ ڪي پي ۾اٽو مھانگو ٿيو ھو، نوٽيس وٺڻ بعد سنڌ ۾ به اٽو مھانگو ٿي ويو آهي. فائن اٽي جو پنجاھ ڪلو وارو ٿيلھو مھانگو ٿيڻ بعد 24 سئو مان وڌي 28 سئو رپيا ٿي ويو آهي. اٽي جي اگھن ۾ واڌ سبب مھانگائي سٽيل عوام جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن.
Check Also
نوان صوبا؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي
ملڪ ۾ وان صوبا ٺاهڻ جو نئون راڳ، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي …