وي سي ۽ پروفيسر پاران هيسايل فرزانا جمالي موتمار ڌمڪين جي شڪايت ڪئي هئي
Asghar Azad
September 29, 2018
پاڪستان
1,271 Views
نواب شاهه( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) نوابشاهه ۾ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل زوهيب جمالي جي ڀيڻ ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي وي سي ۽ پروفيسر پاران مبينا طور هيسايل شاگردياڻي فرزانا جمالي اڳ ۾ موتمار ڌمڪين بابت دانهون ڪندي رهي آهي. فرزانا جمالي مختلف وقتن تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ لاڳاپيل اختيارين وٽ بيان رڪارڊ ڪرائڻ دوران ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي رهي آهي ته کيس هيسائڻ وارو معاملو ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ وي سي ارشد سليم ۽ پروفيسرعامر خٽڪ سميت سندن بااثر سهڪولتڪارن پاران کيس ۽ خاندان وارن کي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن. هن انهن ڌمڪين جو حوالو ڏيندي تحفظ ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو هو.