ڪراچي ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ٻن ڏينهن دوران ڪنهن وقت به مينهن وسي سگهي ٿو. موسميات کاتي پاران جاري ڪيل اڳڪٿي ۾ چيو ويو آهي ته، ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران سرءُ جي مند جو آخري وسڪارو ٿيندو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهه جي هوائن جو سلسلو اڄ بلوچستان ۾ داخل ٿيندو جنهن سبب ڇنڇر ۽ آچر ڏهاڙي ڪراچي ۾ برسات پئجي سگهي ٿي. برسات سبب گرمي پد گهٽ ٿيڻ ۽ موسم سرد ٿيڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ڪوئيٽا، مڪران ۽ قلات ڊويزن ۾ برساتون ٿيڻ جو امڪان آهي. شهر ۾ گرمي پد گهٽ ۾ گهٽ 13 ڏهائي پنج ڊگري ۽ موجوده گرمي پد 25 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
Tags karachi rain Rain Karachi
Check Also
ٻٻرلوءِ ڌرڻو، سنڌ جي زمينن تي قبضا ۽ ڪئنال سمورا نامنظور، تصويري جهلڪيون
ٻٻرلوءِ ۾ ڪراچي بار ايسوسيئشن جي سڏ، ايس يو پي، جسقم، بشير خان قريشي، جي …