ٻن ڏينهن دوران ڪوئيٽا، مڪران ۽ قلات ڊويزن سميت سنڌ ۾ رڳو ڪراچي ۾ مينهن وسڻ جو امڪان

ڪراچي ( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ٻن ڏينهن دوران ڪنهن وقت به مينهن وسي سگهي ٿو. موسميات کاتي پاران جاري ڪيل اڳڪٿي ۾ چيو ويو آهي ته، ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران سرءُ جي مند جو آخري وسڪارو ٿيندو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهه جي هوائن جو سلسلو اڄ بلوچستان ۾ داخل ٿيندو جنهن سبب ڇنڇر ۽ آچر ڏهاڙي ڪراچي ۾ برسات پئجي سگهي ٿي. برسات سبب گرمي پد گهٽ ٿيڻ ۽ موسم سرد ٿيڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ڪوئيٽا، مڪران ۽ قلات ڊويزن ۾ برساتون ٿيڻ جو امڪان آهي. شهر ۾ گرمي پد گهٽ ۾ گهٽ 13 ڏهائي پنج ڊگري ۽ موجوده گرمي پد 25 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *