پاناما ڪيس جي جاچ ۾ ڪهڙيون رنڊڪون آهن، جي آءِ ٽي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي:ذريعا

پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي جاچ ۾ رڪاوٽن، سيڪيورٽي خدشن ۽ دٻاءُ بابت سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. درخواست ۾ جاچ جي سلسلي ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن ۽ ڌمڪين بابت عدالت کي آگاهه ڪيو آهي. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، جي آءِ ٽي جي ماتحت عملي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل درخواست هڪ سيلڊ لفافي ۾ سپريم ڪورٽ جي لاڳاپيل اختيارين وٽ جمع ڪرائي وئي آهي.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءُ ۽ ميمبر عرفان نعيم منگي درخواست تيار ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته درخواست ۾ جي آءِ ٽي کي جاچ ۾ پيش ايندڙ مسئلن، ميمبرن تي تنقيد ۽ ٻاهرئين دٻاءُ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. عدالت واجد ضياءُ کي ان معاملي تي الڳ درخواست ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي، جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءُ چيو هو ته سپريم ڪورٽ کي ڌمڪين ۽ دٻاءُ بابت آگاهه ڪيو ويندو ۽ سڀ شيون عوام آڏو آنديون وينديون، جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءُ ڪالهه ڌمڪين ۽ رڪاوٽن بابت لفافي ۾ بند ٿيل درخواست سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي.

About Asghar Azad

Check Also

مريم نواز جي ” اسان جو پاڻي، اسان جا پئسا، اسان جي مرضي“ واري بيان تي سينيٽ ۾ گوڙ

  اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي بيان، ” اسان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *