Sunday , February 23 2025

پرڏيهي وزير خواجا آصف مٿان ن ليگ جي ڪارڪنن جلسي ۾ تقرير دوران ڪارو رنگ هاري ڇڏيو

پرڏيهي وزير خواجا آصف (فائل فوٽو)

سيالڪوٽ(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا آصف مٿان ن ليگ ڪارڪن ڪارو رنگ هاري ڇڏيو، پوليس رنگ هاريندڙ نوجوان کي گيرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. سيالڪوٽ ۾ ن ليگ جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب دوران وفاقي پرڏيهي وزير خواجا آصف ن ليگ جي هڪ ڪارڪن ڪارو رنگ هاري ڇڏيو. ڪارو رنگ هارڻ بعد خواجا آصف تقرير اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو. پوليس وفاقي وزير تي ڪارو رنگ هاريندڙ نوجوان کي ٻين ڪارڪنن سوگهو ڪري مارڪٽ ڪئي. خواجا آصف مٿان رنگ هاريندڙ نوجوان کي پوليس ڪارڪنن کان ڇڏائي پن هنجي حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

“سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيا آهيون”: واپڊا چيئرمين جو کِل جوڳو دليلُ

سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪچڻ بابر واپڊا چيئرمين جو کِلَ جوڳو دليلُ، “ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *