Sunday , February 23 2025

چوٽياريون واسي پورهيت آنڊي جي بيماري سبب بستري حوالي،سرندي وارن کي علاج ڪرائڻ جي اپيل

سانگهڙ/ سرنواري (سنڌسماءَچار/ واحدبخش شر جي ٿورن سان ) چوٽياريون جي سرنواري واسي پورهيت هڪ سلا کان آنڊي جي مرض ۾ مبلتا هجڻ ڪري ڪسمپرسي واري حالت ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، پورهيت سرندي وارن کي اپيل ڪئي آهي ته، سندس علاج ڪرايو وڃي جيئن هُو ٻيهر صحتياب ٿي پورهيو ڪري پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي سگهي.

سرنواري لڳ ڳوٺ حاجي مبين مڱريو ۾ پورھيت لال چند اوڏ گذريل ھڪ سال کان بيماري جي بستري تي پيل ھلڻ ڦرڻ اٿڻ ويھڻ کان لاچار پورھيت آنڊي جي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا پورھيت گھر جو الھ تلھ وڪرو ڪري وس آھر مختلف اسپتالن مان علاج ڪرايو پر ڪٿان بہ فائدو نہ پيو بيروزگاري سبب سندن خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي. هن چيو ته، ڊاڪٽرن صلاح ڏني آهي ته، ڪراچي يا حيدرآباد ۾ سندس علاج ممڪن آهي، جيڪو تمام گهڻو مهانگو آهي. پورهيت جو چوڻ آهي ته، هن وقت تائين هُن پنهنجو الهه تلهه کپائي علاج ڪرايو آهي ۽ هاڻي وڌيڪ علاج ڪرائڻ جي طاقت ناهي. هن سرندي وارن کي اپيل ڪئي آهي ته، سندس علاج ڪرائي بيماري ۽ بيوسي واري زندگي مان جان آجي ڪرائي وڃي؛ جيئن ٻيهر صحتياب ٿي پورهيو ڪري ٻچڙن جو پيٽ پالي سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *