ڪراچي ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي سياسي هٺ ڌرمي، ٻنهي پارٽين جي ڪارڪن ۾ جهيڙو، ڪئمپس کي باهه

ڪراچي( اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ نيٺ اهو ئي ٿيو جنهن جو ڀؤ هو، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف پاران گلشن اقبال جي ڪراچي ۾ هڪ ئي ڏينهن ساڳئي گرائونڊ ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ واري فيصلي سياسي ڪارڪنن ۾ تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو آهي. يونيوسٽي روڊ تي اردو يونيورسٽي جي ڀرسان واري حڪيم محمد سعيد پلي گرائونڊ تي پ پ ۽ پي ٽي آءِ پاران 12 مئي تي جلسي جو اعلان ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ ۽  پ پ ان موقف تي قائم آهن ته اهي ساڳي ڏينهن ساڳئي گرائونڊ ۾ ئي جلسو ڪندا.

سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات جو لڳ ڀڳ پوڻين 12 هين وڳي ڌاري حڪيم سعيد گرائونڊ ۾ ان وقت صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي، جڏهن پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن پي ٽي آءِ جي ڪئمپ تي پهچي ڀڃ ڊاهه شروع ڪئي ۽ ڪئمپ پٽي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙي صورتحال دوران ئي ٻڻهي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ زور ٿي وئي ۽ ڪارڪنن هڪ ٻئي تي لٺين ۽ باٺن جو وسڪارو لائي ڏنو. ڪئمپ ڊاهڻ بعد پي  ٽي آءِ جا ڪارڪن به پ پ جي  ڪئمپ تي پهچي ويا ۽ انهن به ساڳئي ڪارروائي ڪندي پ پ جي ڪئمپ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي.

سڄي صورتحال دوران  ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن مان ڪير به حڪيم سعيد گرائونڊ تي نه پهتو ۽ ٻنهي پارٽين جا ڪارڪن پاڻ ۾ وڙهندا رهيا. جهيڙي دوران پ پ ۽ پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ڪارڪن ڌڪي به ٿيا آهن.ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن جي جهيڙي دوران ڪيترين ئي موٽر سائيڪلز ۽ ٻين گاڏين کي باهه ڏني وئي، پر اتي موجود ڪجهه عام شهرين باهه وسائي ورتي.اطلاع اهي آهن ته ڪجهه موٽر سائيڪلز سڙي ويون آهن.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *