Wednesday , April 2 2025

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم پي اي فقيرداد کوسو، سيڪريٽري ليبر عبدالرشيد سولنگي ۽ ٻين جي گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست رد

Rasheed solangi secretary faqeer dad khoso Gohar Ullahh

سنڌ هائيڪورٽ ڪوئلي جي غير قانوني وڪري واري ڪيس ۾ اڳوڻي وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري سهيل اڪبر شاهه، پ پ ايم پي اي فقير داد کوسو ۽ سيڪريٽري ليبر عبدالرشيد سولنگيءَ جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪوئلي جي غير قانوني وڪري واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جوابدار اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي پرسنپل سيڪريٽري سهيل اڪبر شاهه ۽ ٻين جوابدارن جي وڪيل سندن عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪرڻ ۽ گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪرڻ جي دروخواست ڪئي. عدالت سهيل اڪبر شاهه، فقيرداد کوسو ۽ سيڪريٽري ليبر عبدالرشيد سولنگي جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. واضح رهي ته ڪيس ۾ واپاري اڳواڻ سيٺ گوهرالله اڳ ئي گرفتار ٿيل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *