ايس ايڇ او ڪشمور سميت 5 اهلڪارن تي ڪيس داخل

ڪشمور ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار ) چئن ڳوٺاڻن کي ناحق قيد ڪندڙ ايس ايڇ او ڪشمور ۽ سندس ساٿي اهلڪارن خلاف ڪيس داخل، پوليس پَٽي ڀائين کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائڻ لڳي، ضمانت ڪرائڻ جي صلاح. عدالتي حڪم تي ڪشمور پوليس ساڳئي ئي ٿاڻي جي ايس ايڇ او اقتدار علي  جتوئي سميت پنجن اهلڪارن تي ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چئن ڳوٺاڻن کي بنا جواز جي گرفتار ڪري ڪو به ڪيس داخلخ ڪرڻ کانسواءِ پَٽ فيڊر پوليس چوڪي ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو، قدي بڻايل ڳوٺاڻن جي درخواست تي سيش جج جي عدالت مئجسٽريٽ کي هدايت ڪئي هئي ته ڳوٺاڻن کي بازياب ڪرايو وڃي، مجسٽريٽ اوچتو ڇاپو هڻي پوليس چوڪي مان چئني ڳوٺاڻن کي بازياب ڪرايو هو جن جي ٿاڻي توڙي چوڪي جي رڪارڊ ۾ ڪا به داخلا  ٿيل ئي نه هئي. جنهن تي عدالت ايس ايڇ او سميت ملوث پنج اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *