پي ٽي آءِ کي انٽرا پارٽي اليڪشن لاءِ هڪ سال جي مهلت ملي وئي

 

اسلام آباد ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ هڪ سال جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، وزيراعظم عمران خان پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جِي حيثيت ۾ اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪئي هئي ته انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ هڪ سال جي مهلت ڏني ڏني وڃي، جيڪا درخواست اليڪشن ڪميشن منظور ڪري پي ٽي آءِ کي انٽرا پارٽي اليڪشڻ ڪرائڻ لاءِ هڪ سال جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته تحريڪ انصاف جي ترميمي آئين 2019 تحت انٽرا پارٽي اليڪشن 18 مهينن اندرڪرائڻي هئي، پرسڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ به ڪرونا وائرس جي وبا سبب اليڪشڻ ڪرائين نه سگهيو آهي ۽ ڪرونا وائرس اڃا تائين ختم ناهي ٿيو، انڪري انٽرا پارٽي اليڪشڻ ڪرائڻ لاءِ هڪ سال جي مهلت ڏني وڃي، چيف اليڪشن ڪمشنر تحريڪ انصاف جي چيرمين عمران خان جي درخواست منظور ڪندي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ هڪ سال جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *