ڪراچي شهر جي اڪثر علائقن ۾ تيز هوا سان ۽ کنوڻ سان برسات

ڪراچي شهر جي اڪثر علائقن ۾ تيز هوا ۽ کنوڻ سان برسات جو سلسلو جاري آهي. تيز هوا جي نتيجي ۾ ڪجهه علائقن ۾ وڻن جي ڪرڻ جا به اطلاع آهن. شهر ۾ برسات شروع ٿيندي ئي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جا فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي به بند ٿي وئي آهي.

شهر جي صدر، ايم اي جناح روڊ، ٽاور، ڪياماڙي، شاهراهه فيصل، ڪلفٽن، ڊفينس، قيوم آباد، نارٿ ناظم آباد، گلشن اقبال، شانتي نگر، ڀٽائي آباد، ملير ۽ ڀينس ڪالوني سميت مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ۽ ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *