ڪمند جي آبادگارن کي 10 ڏينهن اندر رهتون ادا ڪيون وڃن: چيف جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار، ڪمند جي آبادگارن کي رهتون ادا نه ڪرڻ واري معاملي جو پاڻمارادو نوٽيس وٺندي شگر ملز مالڪن کي هدايت ڪئي آهي ته 10 ڏينهن اندر رهتون ادا ڪيون وڃن. سنڌ ۽ پنجاب جي ڪمند جي آبادگارن پاران رهتون ادا نه ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار خط لکيو هو. چيف جسٽس آبادگارن جي خط تي پاڻمرادو نوٽيس شگرملز مالڪن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺندي شگر ملز مالڪن کي هدايت ڪئي آهي ته، آبادگارن کي سموريون رهتون 10 ڏينهن اند ر ادا ڪيون وڃن، چيف جسٽس ملز مالڪن کي اها به هدايت ڪئي آهي ته، آبادگارن کي رهتون ادا ڪري انهن جا سرٽيفڪيٽس به جاري ڪيا وڃن. چيف جسٽس پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي 24 اپريل تي مقرر ڪندي شگر ملز مالڪن سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيسز به جاري ڪري ڇڏيا آهن.

About

Check Also

وفاقي حڪومت پيٽروليم ڪمپنين کي 5 کان 10 سيڪڙو منافعو عوام کان اوڳاڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

وفاقي حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽروليم ڪمپنين ۽ ڊيلرز کي 5 کان 10 …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *