گجرات( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۾ جوتا ڪلب جي هڪ ميمبر ۾ واڌ ٿي وئي آهي، گجرات ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي دوران هڪ شخص عمران خان تي جوتو اڇلايو، جيڪو عمران خان کي لڳڻ بدران پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان کي لڳو. جوتو اڇلائيندڙ همراهه جلسي مان کسڪي ويو. نوازشريف تي جوتو اڇلائڻ واري واقعي کانپوءِ گجرات ۾ جلسي دوران عمران خان تي به جوتو اڇلايو ويو، جيڪو عمران خان جي ڀرسان بيٺل پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان جي سيني ۾ لڳو، جوتو هڻندڙ شخص جلسي مان فرار ٿي ويو. گجرات ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي کي عمران خان خطاب ڪري رهيو هو ته هڪ شخص عمران خان ڏانهن جوتو اڇلايو. جوتو اسٽيج تي عمران خان جي ڀرسان بيٺل پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان جي سيني ۾ لڳو، جنهن بعد جلسي ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته جوتو اڇلائيندڙ شخص جلسي مان فرار ٿي ويو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور ۾ جامعه نعيميه ۾ تقريب دوران اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف تي پڻ هڪ شخص جوتو اڇلايو هو.
Tags Shoes thrown on Imran khan sindh samaachar
Check Also
وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م
سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …