Wednesday , January 22 2025

آئين جو راڳ ڳائيندڙ پيپلزپارٽي کان سنڌ سوال ڪري ٿي – اصغر آزاد

 آئين جو راڳ ڳائيندڙ سنڌ پيپلزپارٽي کان سوال ڪري ٿي – اصغر آزاد

پيپلزپارٽي خاص طور بلاول ڀٽو زرداري کي 1973 جي آئين، آئيني ترميمن، وفاقي ۽ صوبائي آئيني عدالتن جي قيام جو وڏو فڪر آهي. هنن کان سنڌ ان ئي آئين مطابق صرف چند سوال ڪري ٿي ته، ان آئين مطابق سمنڊ مان قدرتي (سمنڊ پاڻمرادو پوئتي ٿيندو وڃي ۽ خشڪ زمين حاصل ٿئي) طور يا هٿراڌو (مختلف طريقن سان سمنڊ کي پوئتي ڌڪي زمين حاصل ڪرڻ) طريقي سان حاصل ٿيندڙ زمين صوبي جي ملڪيت ٿي ويندي. ڇا سي ويو تي هڪ اندازي مطابق لڳ ڀڳ ڏهه هزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ کي ڪيئن ۽ ڪيتري قيمت تي ڏني وئي؟

سنڌ جو سوال آحي ته؛ ڪنهن به صوبي مان نڪرندڙ تيل، گئس سميت سمورا قدرتي وسيلا ان صوبي جي ملڪيت هجن ٿا، انهن (خاص طور تيل ۽ گئس ) وسيلن کي صوبي جون گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن به ٻئي صوبي کي ڏئي سگهجي ٿي. ڇا سنڌ مان نڪرندڙ پيٽرول خاص طور گئس سنڌ جون گهرجون پوريون ڪرڻ بعد پنجاب ۾ گئس تي سِرن جا بٺا هلايا پيا وڃن؟.

سنڌ پڇي ٿي ته؛ اوهان جي قانوني ۽ آئيني اداري ارسا کي ائين هلايو پيو وڃي جيئن ان جا قائدا ۽ ضابطا آهن؟. ڇا1991واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪندي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهربل پاڻي ڇڏي سامونڊي جيوت، تمر جي ٻيلن، انساني آبادي ۽ سامونڊي پٽي جي زراعت لاءِ پاڻي مهيا ڪيو پيو وڃي؟
آئين آئين جو راڳ ڳائيندڙ پيپلزپارٽي کان سنڌ جو سوال آهي ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال، تونسا پنجند، گريٽر ٿل ڪئنال، فلڊ ڪئنال آهن پوءِ اُهي سمورو سال وهائي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ڪهڙي آئين تحت هنيو پيو وڃي؟

About admin

Check Also

قبيلائي ۽ ڪاروڪاري تڪرارن جا جرڳا؛ چيف جسٽس سنڌ، توهين عدالت جو نوٽيس وٺي _اصغر آزاد

ڪنهن کي به خبر نه هئي ته 20سال اڳ پسند / عدالتي پرڻو ڪندڙ ڏهرڪي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *