احتساب عدالت نواز شريف کي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي،جيل موڪلڻ جو حڪم

اسلام آباد(رپورٽر    سنڌسماءَچار) ايون فيلڊ ريفرنس ڪيس ۾ احتساب عدالت نواز شريف کي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. احتساب عدالت ايون فيلڊس ريفرنس جو فيصلو نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر جي غير موجودگي ۾ ٻڌايو. ايون فيلڊس ريفرنس جو فيصلو احتساب عدالت جي جج محمد بشيرٻڌايو. نواز شريف ۽ مريم نواز لنڊن ۾ موجود آهن، جنهن جيڪري احتساب عدالت ۾ پيش نه ٿيا، نواز شريف ۽ مريم نواز ڪيس جو فيصلو پنهنجي ان ئي رهائشگاهه ۾ ويهي ٽي وي چئنلز تي خبرن جي ذريعي ٻڌو، جنهن رهائشگاهه/ايون فيلڊ فليٽس جو ڪيس احتساب عدالت ۾ هليو هو. نواز شريف جو نياڻو ۽ مريم نواز جو مڙس ڪئپٽن صفدر پاڪستان ۾ پنهنجي تڪ ۾ چونڊ ورڪ ۾ موجود هجڻ باوجود فيصلو ٻڌڻ لاءِ عدالت ۾ پيش نه ٿيو.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *