Monday , March 31 2025
Breaking News

آصف زرداري جو ڪنهن تي به اعتماد نه رهيو ؟؟ پارليامينٽ ۾ اچي وزيراعظم مان ٿيندس يا بلاول:آصف زرداري

biloo Asif

اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي سربراهه آصف زرداري پشاور ۾ فاٽا ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته، مان پنهجي ورهين جي جدوجهد جو ثمر ٻين جي حوالي نه ٿو ڪري سگهان. ايندڙ چونڊن ۾ بلاول ۽ آصفا سان گڏ مان پاڻ به پارليامينيٽ ۾ اچڻ بعد فيصلو ڪندس ته وزيراعظم مان ٿيان يا بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم ٿئي.

آصف زرداري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته، اصان ڪي پي ڪي کي سڃاڻپ ڏني، جيڪو مٿن احسان نه پر انهن جو بنيادي حق هو. هاڻي فاٽا کي به سندن حق پيپلز پارٽي ئي ڏياريندي، باقي ٻيا صرف ڳالهيون ڪري فاٽا وارن جا ووٽ حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن ۾ کين ناڪامي ئي نصيب ٿيندي.

آصف زرداري جو چوڻ هو ُو پنهنجي ورهين جي جي جدوجهد جو ثمر ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪرڻ نه ٿو چاهي، هاڻي ايندڙ چونڊن ۾ مان پاڻ، بلاول ۽ آصفا سڀني سوڌو پارليامينٽ ۾ ايندس. آصف زرداري چيو ته پارليامينٽ ۾ اچڻ کانپوءِ وقت اچڻ تي ٻڌائيندس ته وزيراعظم مان پاڻ ٿيندس يا بلاول ڀٽو زرداري.

 

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *