راولپنڊي( سنڌسماءِچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران اتر وزيرستان ۾ 9 خطرناڪ دهشتگرد مارجي ويا آهن، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان جهيڙيندي 7 جوانن شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر پاران جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، اتر وزيرستان ۾ آپريشن ردالفساد دوران سيڪيورٽي فورسز ڳجهو اطلاع ميلو ته ڪجهه دهشتگرد افغانستان کان پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيا آهن. اتر وزيرستان جي غر لامئي ۽ سپير ڪنر الگاڊ ۾ سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو ۽ دهشتگردن سان مقابلو ٿيو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪري 9 دهشتگردن کي ماري وڌو. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان جهيڙيندي پاڪ فوج جي ڪئپٽن جنيد سميت 7 جوان شهيد ٿي ويا. شهيد جوانن ۾ حوالدار عامر، حوالدار عاطف، حوالدار ناصر، سپاهي سميع ۽ سپاهي انور شامل آهن. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ وارو عمل جاري آهي.
Check Also
وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م
سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …