اتر وزيرستان ۾ آپريشن، 9 دهشتگرد مارجي ويا، 7 جوان شهيد:آءِ ايس پي آر

راولپنڊي( سنڌسماءِچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران اتر وزيرستان ۾ 9 خطرناڪ دهشتگرد مارجي ويا آهن، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان جهيڙيندي 7 جوانن شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر پاران جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، اتر وزيرستان ۾ آپريشن ردالفساد دوران سيڪيورٽي فورسز ڳجهو اطلاع ميلو ته ڪجهه دهشتگرد افغانستان کان پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيا آهن. اتر وزيرستان جي غر لامئي ۽ سپير ڪنر الگاڊ ۾ سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو ۽ دهشتگردن سان مقابلو ٿيو. آءِ  ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪري 9 دهشتگردن کي ماري وڌو. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان جهيڙيندي پاڪ فوج جي ڪئپٽن جنيد سميت 7 جوان شهيد ٿي ويا. شهيد جوانن ۾ حوالدار عامر، حوالدار عاطف، حوالدار ناصر، سپاهي سميع ۽ سپاهي انور شامل آهن. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ وارو عمل جاري آهي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *