اردو ميڊيا، ايم ڪيو ايم ۽ ڪجهه ٻين ڌرين پاران ”ڪراچي اور سنڌ“ ۽ ” ڪراچي اور انٽيرر سنڌ“، لکڻ ۽ ڳالهائڻ کانپوءِ سنڌ پوليس / سنڌ حڪومت به، آفيشلي رڪارڊ ۾ ”انٽيرر سنڌ“ لکڻ شروع ڪيو آهي

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) اردو ميڊيا، ايم ڪيو ايم ۽ ڪجهه ٻين ڌرين پاران ”ڪراچي اور سنڌ“ ۽ ” ڪراچي اور انٽيرر سنڌ“، لکڻ ۽ ڳالهائڻ کانپوءِ سنڌ پوليس / سنڌ حڪومت به، آفيشلي رڪارڊ ۾ ”انٽيرر سنڌ“ لکڻ شروع ڪيو آهي، ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس ٽريفڪ لائسنس اينڊ ٽريننگ پنهنجي هڪ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ” انٽيرر سنڌ“ لکي سنڌ پوليس جي اختيارين کي موڪلي ڇڏيو، ڪنهن به اعتراض نه واريو.

ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس (ٽريفڪ لائسنس اينڊ ٽريننگ ) محمد يونس چانڊيو جي صحي سان جاري ڪيل ليٽر /نوٽيفڪيشن ۾ سبجيڪٽ/موضوع ۾ لکيو آهي ته،
“CLOSURE OF DRIVING LICENSE BRANCHES INTERIOR SINDHTHAT ARE ISSUING ONLY LERNER DRIVING LICENSES”.

ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس ٽريفڪ لائسنس اينڊ ٽريننگ محمد يونس چانڊيو پنهنجي صحي سان جاري ڪيل ان ليٽر/نوٽيفڪيشن جنهن ۾ ” انٽيرر سنڌ“ لکيو آهي اُهو لاڳاپيل اختيارين/آفيسرن کي موڪليو آهي، جن ۾ ايڊيشنل آءِ جي اسٽبلشمينٽ ڪراچي، ايس ايس پي ڊرائيونگ لائسنس برانچ ڪراچي، پي ايس ٽو آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي ايس پي ايڊمن ٽريفڪ ايل اينڊ ايل سنڌ، اڪائونٽنٽ /ريڊر/انچارج آءِ ٽي/ انچارج جنرل برانچ ٽريفڪ ايل اينڊ ايل کي به اماڻيو ويو آهي.
ان سلسلي ۾ سنڌ پوليس جي هيڊ آفيس، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ايس ايس پي ٽريفڪ پوليس جي آفيسن جي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجود 19هين سيپٽمبر تي جاري ڪيل ان ليٽر ۾ ” انٽيرر سنڌ “ لکڻ جو ڪنهن به ڪو به نوٽيس ناهي ورتو.
سنڌسماءَچار