صحت کاتي ۾ 6025 نوان ملازم ڀرتي ٿيندا

ڪراچي(رپورٽر  سنڌ سماءَچار) سنڌ حڪومت پاران صحت کاتي هڪ گريڊ کان15 گريڊ تائن نوان ملازم ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ورتو آهي، صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊي جي هيلٿ کي هدايت ڪئي آحي ته ملازم ڀرتي ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن..سنڌ حڪومت پاران صحت کاتي مان ملازمن جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ گريڊ هڪ کان 15هين گريڊ جي پوسٽن تي ڀرتيون ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني وئي آهي. صحت کاتي پاران ڊي جي هيلٿ کي لکيل خط ۾ حيدرآباد ۾ 118، ڪراچي ۾ 103، بدين ۾ 333، ٺٽي ۾ 270 ۽ دادو ۾ 344 نيون ڀرتيون ڪرڻ جي منظوري  ڏني آهي. سنڌ سرڪار پاران ڄامشوري ۾ 281، ميرپورخاص ۾ 460، ٿرپارڪر ۾ 557 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 520 نيون ڀرتيون ڪرڻ جي منظوري ڏني  وئي آهي.

About

Check Also

گل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا انتظاميا جون نااهليون وائکيون ٿي ويون

گل پلازا سانحو حڪومتي ادارن مارڪيٽ جي انتظاميا سبب ٿيوگل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *