ارڙي جا راڱا نه رڪيا، ماتلي ۾ 2 ڀينرون فوت، صحت کاتو اڃا اگهور ننڊ ۾

ماتلي(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ارڙي جي مرض جا راڱا جاري آهن، صحت کاتو اڃا تائين اگهور ننڊ مان جاڳي ناهي سگهيو. ماتلي ۾ ارڙي وگهي 2 ڀينرون فوت ٿي ويون آهن، جڏهن ته ارڙي جي موذي مرض ۾ مبتلا وڌيڪ ڪيترن ئي ٻارڙن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. شهر جي ڍڪ پاڙي جي رهواسي ٻه ڀينرون 5 ورهين جي عابده ۽ 2 ورهين جي جويريا خاصخيلي ارڙي وگهي فوت ٿي ويون، جڏهن ته ٻن ٻارن شيراز علي ۽ حليمان کي ڳڻتي جوڳي حالت به اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.هنن چيو ته ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جي بيماري ۾ مبتلا آهن، پر صحت کاتي پاران ڪو به نوٽيس ناهي ورتو ويو. هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرز جون ٽيمون متاثر ڳوٺن ۾ موڪليون وڃن، جيئن ارڙي جي بيماري تي ضابطو اچي سگهي.

About

Check Also

سيوهڻ ۾ بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام مافيا جي حملي ۾ نوجوان جي ڄنگهه ضايع

سيوهڻ / ڪراچي ( خاص نمائندو / چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) مستحق عورتن جي مالي مدد …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *