پيپلز پارٽي خواجا آصف جي نااهل ٿيڻ تي خوش ناهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه آئين جي آرٽيڪلز 62 ۽ 63 کي ڪارو قانون ڪرار ڏيندي چيو آهي ته، مون سميت ڪير به حقيقي سياست ڪندڙ خواجا آصف جي نااهلي مان خوش نه آهن. صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ضياءَ الحق جي پاليسين ۽ سندس ٺاهيل قانون ملڪ جي ڪنهن به سياستدان کي ناهي ڇڏيو، انهن مان سڀ متاثر ٿيا آهن. اهڙي قانون سان اڄ ضياءَ الحق جا ٻار به متاثر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته بهتر هو ته خواجه آصف جي نااهلي جو معاملو پارليامينٽ ۾ طئي ٿي وڃي ها. مون سميت ڪو به سياستدان نااهلي مان خوش ناهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت کي ڪنهن به نموني چئن مهينن کان وڌيڪ جي بجيٽ پيش نه ڪرڻ گهرجي، چئن مهينن جي بجيٽ واري معاملي تي سموري اپوزيشن متفق آهي، حڪومت هڪ سال جي بجيٽ پيش ڪري نئين روايت وجهي رهي آهي. خورشيد شاهه چيو ته نئين مالي سال جي بجيٽ ايندڙ حڪومت کي پيش ڪرڻ گهرجي.

About

Check Also

 اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، جيترو هلي سگهياسين هلياسين، پر سنڌسماءَچار بند نه ٿيڻ گهرجي

سنڌسماءَچار وڪري لاءِ لڳ ڀڳ گذريل 11 ورهين کان نيوز ويب سائيٽ سنڌسماءَچار پنهنجي مدد …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *