اڳوڻي ايڊيشنل سيشن جج پرويزالقادر ميمڻ خلاف جاچ شروع

Pervaiz-ul-Qadir Memon. Photo: Geo News

ڪراچي( سنڌسماءَچار نيوز) فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي/ ايف آءِ اي اڳوڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پرويز القادر ميمڻ خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته، پرويزالقادر ميمڻ جي سول جج جي مقرري واري تاريخ کان وٺي گهڻ پاسائين جاچ ڪئي پئي وڃي.

وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي ايگزيٽ ڪمپني جي مالڪ شعيب شيخ کي مبينا طور رشوت وٺي آزاد ڪندڙ ايڊيشنل سيشن جج خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب ايف آءِ اي ايگزيڪٽ ڪمپني جي مالڪ شعيب شيخ کي مبينا طور رشوت وٺي آزاد ڪنڊڙ ايڊيشنل سيشن جج پرويز عبدالقادر ميمڻ خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان رجسٽرار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڏي هڪ خط پڻ لکيو آهي جنهن ۾ اڳوڻي جج خلاف ٿيل جاچ رپورٽ، پرويز عبدالقادر جو اعترافي بيان ۽ سندس خلاف شڪايتن جو رڪارڊ گھُريو آهي. ذريعن موجب شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو هو ته ايڊيشنل سيشن جج کي رشوت جي رقم ڏيڻ لاءِ هڪ اهم شخصيت ثالثي جو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ جج پرويز عبدالقادر ميمڻ به انڪوائري ڪميٽي جي سڌوسنئون 50 لک رپيا رشوت وٺي ايگزيڪٽ ڪمپني جي مالڪ شعيب شيخ کي آزاد ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو، جنهن کان پوءِ جج پرويز عبدالقادر ميمڻ کي برطرف ڪيو ويو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار برطرف جج خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ايف آءِ اي کي هڪ خط لکيو هو، ايف آءِ اي طرفان شروع ٿيل جاچ ۾ اڳوڻي ايڊيشل جج پرويز عبدالقادر کي ڪيس داخل ڪرڻ کان اڳ جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو، جڏهن ته رشوت ڏئي بريت حاصل ڪندڙ ايگزيڪٽ ڪمپني جي سربراهه شعيب شيخ ۽ ثالثي جو ڪردار ادا ڪندڙ شخص جو نالو به ڪيس ۾ شامل ڪيو ويندو.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *