سنڌ جا سينيٽرز سنڌي ڳالهائيندڙ اقليت ۾ تبديل،پ پ راولپنڊي واسي کي سنڌ مان سينيٽر چونڊرائڻ ۾ ڪامياب

ڪراچي( اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب واسي کي سنڌ مان سينيٽر چونڊرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. پ پ جي ٽڪيٽ تي راولپنڊي واسي مصطفيٰ نواز کوکر سنڌ جي ڪوٽا تي سينيٽر چونڊجي ويو آهي. اهڙي طرح هاڻي سنڌ جي ڪوٽا تي سينيٽ ۾ نمائندگي ڪندڙ سينيٽرز ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ سينيٽرز اقليت ۾ اچي ويا آهن. مصطفيٰ نواز کوکر جو والد تاج محمد عرف تاجي کوکر رولپنڊي جو واپاري ۽ زميندار هو، جيڪو پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل هو ۽ ڪجهه عرصو پ پ ڇڏي به ويو.

سينيٽ جي چونڊڻ کان پوءِ ن ليگ سينيٽ ۾ اڪثريتي پارٽي بڻجي وڃڻ باوجود پنهنجو چيئرمين آڻڻ لاءِ پريشان آهي. ان سلسلي ۾ نواز شريف پاران آصف زرداري سان سڌي رابطي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *