Tuesday , April 1 2025
Breaking News

باني پي ٽي آءِ کي هڪ وڌيڪ رليف،190ملين پائونڊ ڪيس ۾ ضمانت منظور

اسلام آباد ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) پي ٽي آءِ جَي باني جِي القادر ٽرسٽ ۾ مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ڇڏي، عدالت باني پي ٽي کي 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي کيس 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري گذريل ڏينهن فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو اڄ ٻڌايو ويو. عدالت ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو، عدالت ڪجهه دير بعد درخواست تي زباني مختصر فيصلو ٻڌايو. پي ٽي آءِ باني جي ضمانت جو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.

عدالت عمران خان کي 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. واضح رهي ته پي ٽي آءِ جو باني اڊيالا جيل ۾ قيد آهي، کيس سفر ۽ عدت ڪيس ۾ سزا معطل ٿيڻ تائين آزاد نٿو ڪري سگهجي.

About admin

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *