سڪرنڊ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڳوٺ مري آباد ۾ معصوم ٻارڙو گندي پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت، علائقي واسين لاش هٿ ڪري وارثن حوالي ڪيو. ڳوٺ مري آباد ۾ چئن سالن جو هيرو مري گندي پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته ٻارڙو گهر ٻاهران راند ڪري رهيو ته گندي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري ٻڏي ويو، کيس ڪجهه دير بعد ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڳوٺ ۾ ڪا به سهولت ناهي.
Check Also
اٺاويهين ترميم، ن ليگ ۽ پ پ جا صلاح مشورا، آصف زرداري اڳواڻن کي لنڊن سڏائي ورتو
اٺاويهين ترميم، ن ليگ ۽ پ پ جا صلاح مشورا، آصف زرداري اڳواڻن کي لنڊن …
سنڌسماءَچار