Saturday , February 22 2025

”بلاول گرفتار ٿيو ته خير آهي“: آصف زرداري

وزيراعظم کي پنهنجي ٻارن ۽ زال جو خيال نه آهي: اڳوڻو صدر آصف زرداري

اسلام آباد (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته، جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري گرفتار ٿهيو ته خير آهي، هُو مرد جو پٽ آهي، سوچين ائين ڪرڻ وارا. آصف زرداري اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيشي دوران صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو، صحافي آصف زرداري کان سوال ڪيو ته، ”ٻڌڻ ۾ اچي پيو ۽ اسلام آباد ۾ اهي ڳالهيون ٻڌڻ پيون اچن ته بلاول کي گرفتار ڪيو ويندو“؟، جنهن سوال جي جواب اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته، ” خير آهي، هو (بلاول) مرد آهي، ۽ مرد جو پٽ آهي“، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ آصف زرداري وراڻيون ته، وزيراعظم کي ته پنهنجي ٻارن ۽ گهرواري جي پرواهه ناهي، ٻين کي سوچڻ گهرجي. مريم نواز جي گرفتاري تي بلاول ڀٽو طرفان قومي اسيمبلي ۾ سخت لهجي ۾ رويو ڏيکارڻ بابت پُڇيل سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته اُن کان اڳ آئون به چوندو رهيس ته اها زيادتي آهي، هُنن جون به مائرون ۽ ڀينرون آهن، کين سوچڻ گهرجي. وزيراعظم کي ته پنهنجي ٻارن ۽ گهرواري جي پرواهه ناهي، تنهن ڪري هُن ائين ناهي سوچيو، ٻين کي ته سوچڻ گهرجي، هُنن جون به مائرون ۽ ڀينرون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *