اليڪشن ڪميشن آصف زرداري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن اڳوڻي صدر ۽ اين اي اي 213 تان ڪامياب ٿيل آصف علي زرداري کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق پ پ پ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 213 تي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ۽ ڪاميابي ماڻي ايم اين اي طور حلف کڻندڙ آصف علي زرداري کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن آصف زرداري کي نوٽيس ۾ چيو آهي ته، هن 2018 جي چونڊن دوران چونڊ مهم ۾ ڪيل خرچن جا تفصيل جمع ناهن ڪرايا. اليڪشن ڪميشن موجب جيڪڏهن ٻن هفتن اندر نوٽيس جو جواب ڏئي چونڊ خرچن جا تفصيل نه ڏنا ويا ته سندس خلاف اليڪشن ڪميشن جي قائدن ۽ ضابطن مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي.

About

Check Also

 اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، جيترو هلي سگهياسين هلياسين، پر سنڌسماءَچار بند نه ٿيڻ گهرجي

سنڌسماءَچار وڪري لاءِ لڳ ڀڳ گذريل 11 ورهين کان نيوز ويب سائيٽ سنڌسماءَچار پنهنجي مدد …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *