جيش محمد جي سربراهه مسعود اظهرجو ڀاءُ ۽ پٽ اصلاحي حراست هيٺ

اسلام آباد: مملڪتي وزير شهريار آفريدي پريس ڪانفرنس ڪندي

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت جي حڪمن تي پابندي مڙهيل جيش محمد جي سربراهه مولانا مسعود اظهر کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته حماد اظهر ۽ مفتي عبدالرئوف کي اصلاحي حراست ۾ ورتو ويو آهي، انهن جي گرفتاري بابت فيصلو نيشنل ايڪشن پلان مطابق ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهريار آفريدي گهرو وزارت جي سيڪريٽري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، سيڪيورٽي ادارن مولانا مسعود اظهر جي ڀاءُ مفتي عبدالرئوف ۽ پٽ حماد اظهر سميت 44 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي. گهرو وزارت پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي مطاقب نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرڻ ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ بابت گهرو وزارت جو هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺڻ يا وري گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، پابندي مڙهيل تنظيمن جي انهن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي اصلاحي حراست ۾ وٺڻ جو عمل جاري رکيو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزارت جي عملدار سليمان خان چيو ته، ڪارروائي سمورين پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ٿيندي، اسان اهڙو ڪو به تاثر ڏيڻ نه ٿا چاهيون ته ڪو ڪنهن هڪ ڌر يا تنظيم جي خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.

About

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *