عوام وڌيڪ مهانگائي لاءِ تياري ڪري، بجلي، گئس ۽ پيٽرول 18سيڪڙو مهانگو ٿيندو

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) مهانگائي سٽيل عوام مهانگائي ۾ وڌيڪ 18 سيڪڙو تائين مهانگائي لاءِ تياري ڪري، آءِ ايم ايف جي هدايتن تي وفاقي حڪومت پاران بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائڻ، پيٽروليم شين تي18سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ جا شرط قبول ڪري ورتا آهن، اسلام آباد ۾ آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان حڪومت جي نمائندن وچ ۾ ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهين جو دورو مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ حڪومت کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ادارن جي ريگيولرآڊٽ ڪرائڻ ،ايل اين جي پاور پلانٽس، پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز سميت ٻين ادارن جي نجڪاري ڪئي وڃي. حڪومت آءِ ايم ايف جي شرط تي عمل ڪندي. ٽيڪنڪي سطح جون ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ هاڻي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض هاصل ڪرڻ واري معاملي تي پاليسي سطح تي ڳالهيون ٿينديون.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *