Monday , March 31 2025
Breaking News

جِي ڊي اي اڳواڻ معظم عباسي خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل

جِي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي معظم عباسي، سندس پٽ ۽ ان جي دوستن سميت 8 ڄڻن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل

لاڙڪاڻو(ڊسٽرڪٽ رپورٽر سنڌسماءَچار) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي اڳواڻ ۽ لاڙڪاڻي مان چونڊيل اڳوڻي ايم پي اي معظم عباسي ۽ سندس پٽ سميت 8 ڄڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل، ايس ايس پي لاڙڪاڻو تي گرفتارين لاءِ دٻاءُ وڌي ويو. جي ڊي اي جي اڳواڻ ۽ سينيئر سياستدان معظم عباسي، سندس پٽ ۽ ان جي دوستن سميت 8 ڄڻن خلاف لاڙڪاڻي جي دڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. معظم عباسي ۽ ٻين خلاف اڳوڻي گهرو وزير سهيل انور سيال جي ڀاءُ جي فرياد تي داخل ڪيل ايف آءِ آر موجب، 30هين ڊسمبر جي رات جو معظم عباسي، سندس پٽ سميت 8 ڄڻا سهيل انور سيال جي رهائشگاهه تي پهچي خون ڪرڻ جي ارادي سان سڌي فائرنگ ڪئي. فائرنگ جي ينتيجي ۾ علائقي ۾ ڏهڪاءُ ۽ دهشت پکڙجي وئي.

ان سلسلي ۾ معظم عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چو ته، گذريل ڪيترن ئي سالن کان سندس، حمايتين ۽ ويجهن ماڻهن خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ٿيندا رهيا آهن، هي به ان جي ڪڙي آهي، ڪيس داخل ڪري سياسي انتقام ورتو پيووڃي، جنهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون. هن چيو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي سموري معاملي جي حقيقت جي خبر آهي ان جي باوجود به قانون تي عمل ڪرڻ بدران سياسي دٻاءَ تحت اسان جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

About admin

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *