وفاقي حڪومت جو عوام کي آسرو، بجلي 10رپين تائين ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت مهانگائيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ عوام کي هڪ نئون آسرو ڏيندي اعلان ڪيو آهي ته، بجلي في يونٽ 8 کان 10 رپين تائين ڪيو ويندو، وفاقي حڪومت پنج آءِ پي پيز سان معاهدو به ختم ڪري ڇڏيو. اسلام آٻاد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي توانائي واري وفاقي وزيراويس لغاري اسلام چيو آهي ته بجلي جي قيمتن کي عوام جي پهچ ۾ آڻڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان جي ڪوشش آهي ته ايندڙ 8 کان 10 مهينن اندر بجلي جي في يونٽ جو اگهه 8 کان 10 رپين تائين ڪجي. هن چيو ته پنج آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪري رهيا آحيون، اهي آءِ پي پيز ڪمپنيون به راضي ٿي ويون آهن.

About admin

Check Also

وفاقي حڪومت پيٽروليم ڪمپنين کي 5 کان 10 سيڪڙو منافعو عوام کان اوڳاڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

وفاقي حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽروليم ڪمپنين ۽ ڊيلرز کي 5 کان 10 …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *