ملتان(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) مذهبي معاملن جي اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينئر پ پ اڳواڻ حامد سعيد ڪاظمي، پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان شاهه محمود قريشي خلاف چونڊ وڙهڻ .ان آصف زرداري کي کُتو جواب ڏيندي اين اي 175 ملتان تان آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پ پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ملتان ۾ حامد سعيد ڪاظمي جي گهر پهچي ساڻس ملاقات ڪئي. پيپلز پارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، آصف زرداري پاران حامد سعيد ڪاظمي کي چيو ته هُو اين اي 156 تي پي ٽي آءِ جي سينئر وائيس چيئرمين شاههه محمود قريشي سامهون اليڪشن وڙهي. ميڊيا رپورٽس مطابق آصف زرداري جي اهڙي فيصلي تي، پ پ جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير حامد سعيد ڪاظمي شاهه محمود قريشي سامهون بيهڻ کان کتو جواب ڏيندي، آصف زرداري کي چيو ته، هُو قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 175 ملتان تان آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ چونڊ وڙهڻ وارو فيصلو به آصف زرداري کي ٻڌائي ڇڏيو. ميڊشيا سان ڳالهائيندي حامد سعيد ڪاظمي اين اي 175 لياقت پور مان آزاد حيثيت سان نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرايا هئا. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي حامد سعيد ڪاظمي چيو ته مون اليڪشن لياقت پور تڪ تان وڙهڻ پئي چاهي پر آصف زرداري جي خواهش هئي ته آئون اتان چونڊ ۾ حصو نه وٺان.
Check Also
سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق
ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …