لاڙڪاڻي مان چونڊيل اڳوڻي ايم اين اي شاهد ڀٽو جا ”اصولي اختلاف“ 30 ڏينهن ۾ ٻي قلابازي

شاهد ڀٽو پي ٽي آءِ ۾ شموليت وقت

لاڙڪاڻو ( رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي شاهد ڀٽوپرو هڪ مهينو اڳ پيپلز پارٽي سان اختلاف رکندي عمران خان سان ملاقات ڪري پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو. 11 هين مئي تي هن پ پ ڇڏي پيٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. شاهد ڀٽو جو پ پ ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ وقت چيو هو ته، پ پ سان سندس اصولي اختلاف هئا، پ پ 10 سالن جي اقتدار دوران سنڌ جي ماڻهن کي ڪجهه به نه ڏنو. پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جي  لڳ ڀڳ ٻن هفتن کانپوءِ شاهد ڀٽو کي وري ياد اچي ويو ته پ پ ته سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي، انڪري هُن پي ٽي سان اصولي اختلاف رکندي ان کي الوداع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اڳوڻي ايم اين اي شاهد ڀٽُ اڄ وري لاڙڪاڻي ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعجلان ڪري ڇڏپيو آهي.

         شاهد ڀٽو 30 ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ ۾ شموليت وقت

    شاهد ڀٽو 30 ڏينهن کانپوءِ  پ پ پ ۾ شموليت وقت

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *