Tuesday , April 1 2025
Breaking News

خبردار، هوشيار ، تبديلي سرڪار جو اهم اعلان! سياري ۾ گئس رڳو ٽَي ويلا ملندي

اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت سياري جي مند ۾ گهريلو واهپيدارن کي گئس 24 ڪلاڪن ۾ صرف ٽَي ويلا گئس مهيا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي وزير حماد اظهر سينيٽ اجلاس ۾ گئس جي کوٽ بابت پيپلزپارٽي جي سينٽر شيري رحمان جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي چيو ته، بلوچستان جي 80 سيڪڙو گئس سنڌ صوبي ۾ استعمال ٿي رهي آهي، گئس جي کوٽ جي نتيجي ۾ سياري جي مند دوران گهريلو صارفين کي 24 ڪلاڪ گئس فراهم نٿا ڪري سگهون. حماد اظهر چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته 24 ڪلاڪن دوران ٽَي ويلا، نيرن، مانجهاندي ۽ رات جي ماني پچائڻ جي وقت تي گئس مهيا ڪنداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ حماد اظهر چيو ته ٽي ويلا گئس ڏيڻ وقت ايتري گئس ملي ويندي جو آنا / بيدا فراءِ يا آمليٽ ٺاهي سگهجي وڌيڪ ڪجهه نٿو چئي سگهجي؛ حماد اطهر جي اهڙي ڳالهه تي پاڪستان جي اعليٰ ايوان سينٽ ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *