ايم پي اي دعا ڀٽو به ڪالاباغ ڊيم ۽ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جي حمايت ڪري ڇڏي

ڪراچي( سنڌسماءَچار مانيٽنرگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سنڌ جي عورت اڳواڻ ۽ ايم پي اي طاهره دعا ڀٽو افغانين، برمين، بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊز جاري ڪرڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مس طاهره دعا ڀٽو سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ايوان ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي خوش نصيبي آهي جو هتي هر ملڪ جو ماڻهو اچي ٿو سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ طاهره دعا ڀٽو چيو ته، جيڪي هتي رهن ٿا انهن جو به حق آهي جيڪو انهن کي ملڻ گهرجي. تحريڪ انصاف جي ايم پي اي دعا ڀٽو هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هوءَ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪري ٿي ۽ اهو ٺهڻ گهرجي.

دعا ڀٽو جي هي وڊيو آواز ٽي وي جي ٿورن سان

About

Check Also

وفاقي حڪومت پيٽروليم ڪمپنين کي 5 کان 10 سيڪڙو منافعو عوام کان اوڳاڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

وفاقي حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽروليم ڪمپنين ۽ ڊيلرز کي 5 کان 10 …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *