ڪي اليڪٽرڪ سوئي سدرن گئس ڪمپني جي 80 ارب رپين جي قرضي، گئس بند ڪرڻ جي ڌمڪي

ڪراچي( رپورٽر     سنڌسماءَچار) ڪي اليڪٽرڪ سوئي سدرن ڪمپني جي 80 ارب رپين قرضي نڪتي، رهتون ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي گيس جي سپلاءِ بند ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو، گئس جي فراهمي بند ٿيڻ سان ڪراچي ۾ بجليءَ جو بحران پيدا ٿيو ته ان جي ذميوار ڪي اليڪٽرڪ هوندي، توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته سئي سدرن ۽ ڪي اليڪٽرڪ ۾ وڏي عرصي کان تڪرار هلندڙ آهي، سنڌ سرڪار ٻنهي ادارن وچ ۾ تڪرار جو نبيرو ڪرائيندي.

ايس ايس جي سي جي ترجمان شهباز اسلام جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته  واٽر بورڊ کي وچ ۾ آندو وڃي ۽ ان کي ڌر بڻايو وڃي.هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي رهتن جي حوالي سان جيڪڏهن ڪي اعتراض آهن ٿرڊ پارٽي کان آڊٽ ڪرائي وڃي.ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ  کي سرچارج جي حوالي سان ڪي اعتراض آهن ته اهي ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته گيس ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز  جي منظوري سان فائنل نوٽيس ڪي اليڪٽرڪ ڏانهن موڪليا ويا آهن. هن چيو ته رهتن جي ادائگي نه ڪرڻ تي قدم کنيو ويندو ۽ ڪراچي ۾ بجلي جو بحران پئدا ٿيو ته ذميوار ڪي اليڪٽرڪ هوندي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *