Saturday , February 22 2025

رائو انوار جي گرفتاري کانپوءِ اهم شخصيت سان ملاقات بعد ڪراچي منتقل

ڪراچي( رپورٽر  سنڌ سماءَچار) نقيب قتل ڪيس جي مک جوابدار ۽ ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار کي سنڌ پوليس اسلام آباد کان ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، رائو انوار پنهنجي رپوشي سميت پنهنجو بيان لکت ۾ ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. رائو انوار کي سنڌ ڇپوليس سپريم ڪورٽ مان تحويل ۾ وٺي سندس باقائده گرفتاري سپريم ڪورٽ جي احاطي کان ٻاهر ظاهر ڪئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته، آءِ جي سنڌ ۽ جي آءِ ٽي سربراهه آفتاب پٺاڻ رائو انوار کي سپريم ڪورٽ مان ڊپلوميٽ انڪليو واري علائقي ۾ هڪ بااثر شخص وٽ سان به ملاقات ڪرائي، جنهن سان هن 10 کان 15 منٽ نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي. سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، رائو انوار ان نويڪلائي واري ملاقات دوران اهم شخصيت کي ڪراچي خاص طور تي ملير ۽ ڪياماڙي ٽائون ۾ زمينن ۽ پلاٽن تي ٿيل قبضن بابت تفصيل ٻڌايا آهن. ذريعن اها دعويٰ ڪئي آهي ته رائو انوار پنهنجي سمورين ملڪيتن جا به تفيصل ٻڌائي ڇڏيا آهن ۽ هُن پنهنجي روپوشي وارن ڏينهن دوران کيس پناهه ڏيندڙ سمورن ماڻهن بابت تفصيلن ٻڌائڻ کان اڃا تائين لنوائي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *