Monday , January 27 2025

سانگهڙ جي ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 3 ڄڻا قتل، ڳوٺاڻن جو لاش رکي ڌرڻو

سانگهڙ جي ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 3 ڄڻا قتل، ڳوٺاڻن جو سانگهڙ پريس ڪلب آڏو لاش رکي ڌرڻو جاري، پير پاڳارو واقعي جي مذمت ڪندي مريدن کي ڌرڻي ۾ شرڪت ۽ ڳوٺاڻن جي مدد ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

سانگهڙ ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سانگهڙ جي چوٽياريون واري علائقي ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٽَي ڄڻا مارجي ويا، 16 ڄڻا زخمي، ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي، متاثرن جو لاشن سميت سانگهڙ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو، ڳوٺاڻن الزام هڻندي چيو آهي ته سندن ماڻهو پ پ ايم اين اي علاوالدين جوڻيجوجي چُرچ تي سندن ڳوٺ تي حملو ڪري ماڻهو ماريا ويا آهن. سانگهڙ جي چوٽياريون واري علائقي جي ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ زمين جي مالڪي واري تڪرار تان هٿياربندن حملو ڪري ٽِڻ ڳوٺان کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ 16 ڳوٺاڻا زخمي به ٿيا آهن، زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. فائرنگ ۾ 50 ورهين جو مشتاق جوڻيجو، علي بخش جوڻيجو ۽ عبدالرسول جوڻيجو شامل آهن. ڳوٺاڻن مارجي ويلن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد مارجي ويل ٽِنهي ڄنن جا لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا. ڳوٺاڻن قاتلن جي گرفتاري لاءِ لاش کڻي سانگهڙ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن، سخت سيءَ ۾ به ڳوڄاڻن جو ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ڌرڻو جاري آهي. ڳوٺاڻن الزام هڻندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي ايم اين علاوالدين جوڻيجو جي چُرچ تي سندن ڳوٺ تي حملو ڪيو ويو آهي، هٿياربندن ڳوٺ تي حملو ڪري جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي جنهن ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 16 ماڻهو زخمي ٿيا آحن زخمين ٻار ۽ عورتون به شامل آحن. ڳوڄاڻن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري قاتلن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. احتجاج ڪندڙ متاثر ڳوٺانن جو چوڻ آهي ته جيستائين قاتل گرفتار نه ٿيندا ايستائين ڌرڻو جاري رهندو.

ايم ا ين اي علاوالدين جوڻيجوڳوٺاڻن جو الزام رد ڪندي چيو آهي ته معاملو فصل جي ڀيل تان ٿيو آهي، هن تي الزام بي بنياد آحن، هُو ته ڪراچي آهي پوءِ مٿس الزام ڇو پيا لڳايا وڃن. هن چيو ته حملي سندس هڪ هاري محمد علي جتوئي به زخمي ٿيو آهي.

گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، سانگهڙ ۾ ٽِن ڄڻن جي قتل واري واقعي جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب، ايس ايس پي سانگهڙ کي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جِي هدايت، گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو ته قانون هٿ ۾ کڻندڙن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن ۽ سهولتڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

About admin

Check Also

هڪ ريگستان آباد ڪرڻ لاءِ اڌ پاڪستان کي بنجر بڻايو پيو وڃي: شيري رحمان

اسلام آباد ( رپورٽر سنڌسماءَچار)  سينيٽ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سينيٽ ۾ سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *