سمورين سياسي پارٽين جي سربراهن ۽ اهم اڳواڻن جي زندگين کي خطرو

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) نيڪٽا پاران ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جي سربراهن جي زندگين کي خطرو هجڻ سميت خيبر پختونخواه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين جو خطرو هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. سنييٽ جي گهرو معاملن بابت ڪميٽي ۾ بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر سليمان چيو ته ملڪ ۾ سمورين جماعتن جي سربراهن کي خطرو آهي، هن چيو ته نيڪٽا انٽيلي جنس ادارن کي رپورٽس کي صوبن سان شيئر ڪندو آهي، نيڪٽا جي سربراهه  چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿريٽس جا اطلاع مليا آهن، هن چيو ته ٽي ٽي پي طرفان سڀ کان وڌيڪ ٿريٽ الرٽ آهن، ڪالعدم تنظيم ٽي ٽي پي طرفان به سڀ کان وڌيڪ ٿريٽ الرٽ آهن، اهي عسڪريت پسند گروپ مخصوص پارٽين کي نشانو بڻائيندا آهن،  نيڪٽا سربراهه جو چوڻ هو ته، جڏهن ملا فضل الله ماريو ويو ته ماڻهن شڪر اداڪيو هو، سندس مارجڻ تي مون سوچيو ته ڇا چونڊون ويجهو ايندي ئي اها اڳڀرائي سٺي آهي؟ مون وٽ ايم ڪيو ايم لنڊن طرفان هڪ ٿريٽ الرٽ رڪارڊ تي آهي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *