ٺري ميرواهه فوڊ سينٽر ۾ ڪرپشن ڪندڙ انسپيڪٽر ۽ ٺيڪيدار کي 7 سال قيد جي سزا

سکر(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سکر جي اينٽي ڪرپشن عدالت فوڊ سينٽر ٺري ميرواهه ۾ جي فوڊ انسپيڪٽر ۽ ٺيڪيدار جان محمد سيال تي ڪرپشن جو الزام ثابت ٿيڻ تي 7-7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ٻنهي ملزمن خلاف ٺري ميرواهه جي فوڊ سينٽر ۾ بارداڻي ۽ ڪڻڪ خريداري دوران ڪرپشن ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. اينٽي ڪرپشن عدالت فوڊ انسپيڪٽر گامڻ خان راڄپر ۽ واپاري جان محمد سيال کي 7-7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. عدالت طرفان سزا ٻڌائڻ کانپوءِ پوليس ڏوهارين کي حراست ۾ وٺي جيل موڪلي ڇڏيو. جوابدارن خلاف ٺري ميرواهه فوڊ سيٽر جي ڪڻڪ جي بارداڻي ۽ ڪڻڪ جي خريداري ۾ ڪرپشن ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

About

Check Also

”پريا ڪماري جي ويجهو پهتا آهيون“،سنڌ حڪومت جون دعوائون ڪوڙيون ثابت

  ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پرياڪماريءَ جي آزادي/ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *