سنڌ حڪومت پاران تعليم کاتي ۾ ايمرجنسي واريون دعوائون ڌوڙ،سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جيانتظام هيٺ لاسي ڳوٺ ۾ قائم اسڪول مان لسانيت جي بنياد تي صحافي جي پٽ سميت 50 ٻارڙن کي امتحان ويجھو ايندي ئي اسڪول عملي بھانو بڻائي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو ٻارڙين جي والدين پاران اسڪول مان بيدخل ڪرڻ جو سبب معلوم ڪرڻ لاء پرنسپال سان ملاقات ڪئي ته ان جو چوڻ ھو تہ اسان جا آفيسر اسڪول جي دوري تي آيل ھئا ان ڏيھن اوھان جا ٻارڙا اسڪول کان غير حاضر ھئا ان ڪري انھن کي فلحال فارغ ڪيو ويو آھي ،،ايندڙ نئين داخلائن ۾ انھن کي رکيو ويندو ،جڏھن ته انھن ۾ ڪجھ ٻارڙا اھڙا به آھن جدڪي پھرين کان وٺي ٻئين ۽ ٽئين درجي ۾ پڙھندڙ آھن ،جيڪڏھن ان ٻارن کي ھن ايندڙ امتحانن ۾ نه ويھاريو ويو ته ٻارڙين جو مستقل تباھ ٿي ويندو اوڏانھن ڀروسي جوڳن ذريعن کان معلوم ٿي آھي ته اسڪول جو پورو عملو اردو اسپيڪنگ آھي جيڪي ھڪ گھري سازش تحت سنڌي ٻارڙين جو ھٿ وٺي مستقبل خراب ڪري رھيا آھن ٻارڙين جي والدين وزير اعليٰ سنڌ ،تعليم جي صوبائي وزير ،ڊي اي او ايجو ڪيشن ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪو بغير ڪنھن سبب جي اسڪول مان بيدخل ڪيل ٻارڙن کي داخل ڪري ۽ لسانيت پکيڙيندڙ عملي خلاف ڪاروائي ڪري والدين جي بيچيني دور ڪئي وڃي،
Tags Gadap Town Karachi: Lassi Village
Check Also
سموري سنڌ جيان ڪراچي شهر ۾ قهر جي گرمي،24 ڪلاڪن ۾ 90 ماڻهو فوت
سموري سنڌ جيان ڪراچي شهر ۾ قهر جي گرمي،24 ڪلاڪن ۾ 90 ماڻهو فوت ڪراچي(اسٽاف …