Saturday , March 15 2025

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف پيپلزپارٽي ڪٿي به احتجاج نه ڪيو

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) درياهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل رهي، پر پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ احتجاجي مظاهرو نه ڪيو. سنڌو درياءَ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ڪيترن ئي مهينن کان سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، احتجاجي مظاهرن ۾ سنڌي ماڻهو بنا ڪنهن فرق جي شرڪت ڪندا رهن ٿا.

گذريل ڏينهن 14 مارچ تي درياهن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سموري سنڌ ۾ سمورين سياسي، مذهبي، ادبي، سماجي، مختلف شعبن سان لاڳاپيل پروفيشنلز جي تنظيمن، صحافين، قلمڪارن توڙي عام ماڻهن پاران سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ سنڌرياءَ سان محبت جو اظهار ڪندي درياءَ تي ڌاڙي خلاف، ۽ نون نڪرندڙ ڪئنال خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهر ڪيا. اسڪولي شاگردن کان ويندي معصوم ٻارڙن به احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

ان سلسلي ۾ مختلف شهرن مان ورتل معلومات مطابق سنڌ جي ماڻهن جي ووٽن تي چونڊجي سنڌ تي 18 ورهين کان لاڳيتو حڪومت ڪندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪٿي به ڪو به احتجاجي مظاهرو يا ريلي ناهي ڪڍي. هڪ ڏينهن پهريان 13هين مارچ تي سنڌي اسيمبلي ۾ ڪئنالن خلاف تقريرون ڪندڙ وزيرن ۽ ايم پي ايز پاران ڪنهن مظاهري ۾ شرڪت به ناهي ڪئي وئي.

About admin

Check Also

آصف زرداري جو ڪئنالن بابت بيان سنڌي قوم سان دوکو ۽ گمراهه ڪرڻ آهي: زين شاهه

آصف زرداري جو بيان سنڌي قوم سان دوکو، ٻٽو معيار، ڊرامو ۽ ڪئنالن خلاف هلندڙ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *