هن سال بئنڪ ۾ 38 هزار رپيا رقم تي زڪوات لاڳو ٿيندي،پرڏيهي ڪرنسي اڪائونٽ آجا هوندا

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) اسٽيٽ بينڪ رمضان شريف دوران  زڪوات ڪٽوتي جي لاءِ نصاب 38 هزار رپيا مقرر ڪري ڇڏيو،پهرين رمضان تي سيونگ اڪائونٽس ۾ 38 هزار رپيا يا وڌيڪ رقم هوندي ته 12 ڏهائي 5 سيڪڙو جي شرح سان زڪوات ڪاٽي ويندي،ڪرنٽ ۽ فارين اڪائونٽس تي ڪابه زڪوات نه ڪاٽي ويندي. اسٽيٽ بينڪ پاران هر سال جيان هن سال به پهرين رمضان تي زڪوات جي ڪٽوتين جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن. اسٽيٽ بينڪ هن ڀيري زڪواٽ جي ڪٽوتي لاءِ نصاب 38 هزار رپيا مقرر ڪيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان واضح ڪيو ته زڪوات رڳو سيونگز اڪائونٽس مان ڪاٽي ويندي، جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ پرڏيهي ڪرنسي جا اڪائونٽس زڪوات کان آجا هوندا.

About

Check Also

وفاقي حڪومت پيٽروليم ڪمپنين کي 5 کان 10 سيڪڙو منافعو عوام کان اوڳاڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

وفاقي حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽروليم ڪمپنين ۽ ڊيلرز کي 5 کان 10 …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *